بحريا ٽائون انتظاميا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو،ٻيهر والار جاري

بحريا ٽائون انتظاميا سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪم روڪرائڻ وار حڪم کي ٿڏيندي ٻيهر قبضو شروع ڪري ڇڏيو ، صدين کان قائم عثمان الهرکيو گبول ڳوٺ تي  بحريا ٽائون انتظاميا جي سيڪيورٽي گارڊن چڙهائي ڪري زبردستي ڳوٺ مان چار ديواري ڪڍڻ لاءِ ڳوٺاڻن کي لڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي .ڳوٺاڻن مبارڪ گبول، عارف گبول، وسيم گبول، لياقت گبول ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته انهن جو الهرکيو گبول ڳوٺ صدين کان قائم آهي صدين کان ويٺل ماڻهن سان بحريا ٽائون انتظاميا سنڌ حڪومت جي آڌار تي  ظلم ڪري رهي آهي، اسان جي مدد ڪرڻ بدران سنڌ حڪومت بحريا ٽائون جي مدد ڪري رهي آهي، ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته  بحريا ٽائون پهرين ڏينهن کان سنڌ حڪومت جي سرپرستي هيٺ  ظلم ڪري رهي  آهي، ڳوٺاڻن  جي مزاحمت تي دهشتگردي جا قلم هڻي گرفتاريون  پڻ ڪيون پيون وڃن ، اهو نئون سلسلو شروع ڪيو ويو آهي،هنن چيو ته هي انهن  جو ڳوٺ قديمي آهي صدين کان ويٺل آهن ،  ظلم جي انتها آهي جو اسان جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، ڳوٺاڻن چيو ته بحريا ٽائون جي سيڪيورٽي گارڊن سان گڏ  ملير پوليس انهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته انهن جو اسڪول، ڪميونٽي حال اسان جا قديمي ڳوٺ  سان گڏ  ماڳ ، قبرستان سڀ ڪجھ بحريا ٽائون جي قبضي هيٺ آهن،  هو 8 سالن کان بحريه ٽائون جي ظلمن جا شڪار  آهن، ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته هن وقت به هر روز بحريا ٽائون انتظاميا عثمان الهرکيو گبول ڳوٺ تي چڙهائي ڪري زبردستي ڳوٺ خالي ڪرڻ چاهي ٿي

هنن اعليٰ اختيارين ،سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو آهي  ته انهن سان انصاف ڪيو وڃي انهن جي ڳوٺ کي بچائي سروي ۽ ليز زمين واپس ڪرائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.