خيبر پختونخواهه ۾ ڪورونا سبب هڪ ٻيو ڊاڪٽر فوت

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ ڊاڪٽرن تي ڪورونا جي وار جاري آهن ۽ هڪ ٻيو ڊاڪٽر ڪورونا سبب فوت ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ صوبي ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيل ڊاڪٽرن جو انگ 65 ٿي ويو آهي.

ڊاڪٽر نور اسلام اڳوڻو سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مردان هو. هو ڪورونا جو شڪار ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو. ڊاڪٽر نور اسلام گذريل 18ڏينهن کان حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس اسپتال پشاور جي ڪورونا آءِ سي يو ۾ داخل هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.