مسلمانن جي ڄاڻي واڻي دل آزاري ڪئي پئي وڃي: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اسان پنهنجي نبي صه جي توهين برداشت نٿا ڪري سگهون ۽ مسلمانن جي ڄاڻي واڻي دل آزاري ڪئي پئي وڃي.

اسلامي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سفيرن وزير اعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزير اعظم اسلامو فوبيا جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪاوشن کان آگاهه ڪيو.

وزير اعظم چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو ڪو به مذهب ناهي هوندو، شدت پسندي کي اسلام سان ڳنڍڻ سان عالمي سطح تي مسلمان متاٿر ٿيندا آهن، هڪ مسلمان حملو ڪندو آهي ته ڏوهاري سڀني مسلمانن کي قرار ڏنو ويندو آهي، پاڪستان دنيا ۾ برداشت کي هٿي لاءِ عالمي برداري سان سهڪار لاءِ پرعزم ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهي.

وزير اعظم چيو ته اسان جي نبي اسان جي دلين ۾ وسندو آهي،اسان پنهنجي نبي صه جي توهين برداشت نٿا ڪري سگهون، مسلمانن جي ڄاڻي واڻي دل آزاري ڪئي پئي وڃي. اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ توهين رسالت صه سان ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي، اسلامو فوبيا سان بين المذاهب نفرت کي هوا ٿي ملي، اسلامو فوبيا جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪاوشن جي ضرورت آهي، منهنجي ڪوشش آهي ته مسلم ملڪ ان حساس معاملي تي گڏ ٿين، او آءِ سي ان حوالي سان عالمي سطح تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.