مدئجي ۾ ارڙي وبا جي صورت اختيار ڪري وئي، 5 ٻارڙن کي تصديق

ڏکڻ (ن ع آ) مدئجي سميت آسپاس جي مختلف علائقن ۾ ڏائڻ بيماري ارڙي منهن ڪڍيو آهي جنهن ڪري ڳوٺاڻن ۾ خوف واري صورتحال ڇائنجي وئي آهي ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب مدئجي ڀرسان ڳوٺ سهتا ۾ سهتا برادري جي 5 معصوم ٻارڙن کي ارڙي جي تصديق ٿي آهي ارڙي جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيل معصوم ٻارن   ۾ پروين ڌيءُ انيس سهتو پارس ڌيءُ عبدالرئوف سهتو،شايان ڌيءُ عبدالغفار سهتو،عطيه ڌيءُ علي مدد سهتو،ثانيه ڌيءُ راحب سهتو ۽ ٻيا شامل آهن معصوم ٻارڙن جي ارڙي ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ سندن گهر ڀاتين ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي ان سلسلي ۾ متاثر ٻارن جي گهرڀاتين دانهيندي چيوته اسان جا معصوم ٻچڙا اڙري جي وبا ۾ وڪوڙجي ويا آهن پر صحت کاتي هن وقت تائين ڪي به اپاءَ ناهن ورتا هنن چيوته تعلقي اسپتال مدئجي ۾ علاج جون سهولتون نه ملڻ ڪري پنهنجي جگر جي ٽڪڙن جون نجي ڪلينڪن تان علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن، هنن اختيارين کي اپيل ڪندي چيوته صحت کاتو فوري نوٽيس وٺي سموري علائقي ۾ ارڙي کان بچاءَ واري وئڪسين ڪرائي ڳوٺاڻن ۾ پيدا ٿيل خوف ختم ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.