ڀارت ۾ مسلسل چوٿين ڏينهن 3 هزار کان وڌيڪ ڪورونا مريض فوت

 

نئين دهلي (ويب ديسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب مسلسل چوٿين ڏينهن 3 هزار کان وڌيڪ فوتگيون سامهون آيون آهن.

ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سان متاثر 3 هزار 689 مريض لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ اتي وبا جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جو مجموعي انگ تقريبن 2 لک 15 هزار 6 سئو ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڀارت ۾ ڪورونا جي 3 لک 93 هزار نون ڪيسن جي تصديق پڻ ٿي، جنهن کانپوءِ اتي متاثرن جو ڪُل انگ 19.5 ملين ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.