صورتحال سٺي ناهي، سخت قدم کڻڻا پوندا: مراد علي شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي مڪمل لاڪ ڊائون کان بچڻو آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو.

سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن عذرا پيچوهو، سعيد غني، ناصر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 22 کان 28 اپريل تائين صوبي ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 10.75 سيڪڙو رهي آهي، ڪورونا ڪيسن جي شرح حيدرآباد ۾ 20 سيڪڙو، سکر ۾ 9.48 سيڪڙو ۽ باقي ضلعن ۾ 2.79 سيڪڙو آهي.

ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته صورتحال سٺي ناهي ۽ سخت قدم کڻڻا پوندا، ڪاروبار جي وقتن ۾ صبح 6 کان شام 6 وڳي تائين عمل يقيني بڻايو وڃي،

سيد مراد علي شاهه صوبائي وزير ناصر شاهه، سعيد غني ۽ اويس شاهه تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جيڪا واپارين ۽ ٽرانسپورٽ کي اعتماد ۾ وٺي سخت قدم کڻندي.

وڏي وزير چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون کان بچڻو آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو، ڪجهه نجي آفيسون ايس او پيز ۽ اسٽاف گهٽ ڪرڻ تي فيصلي تي عمل نه پيون ڪن، انهن آفيسن کي سيل ڪيو ويندو.

هن انٽرسٽي بس ٽرانسپورٽ تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٻين صوبن مان به پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سنڌ ۾ داخلا منع آهي، جيڪڏهن ڪنهن صوبي مان ڪا مسافر گاڏي اچي به وئي ته واپس وڃڻ نه ڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.