ڪورونا پکيڙ: مرتضيٰ وهاب جو سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اھم خط

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي عدالتن ۾ رڳو تڪڙا ۽ هنگامي نوعيت جا ڪيس ٻڌڻ جي درخواست ڪئي آهي.

صوبي ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ تي مرتضيٰ وهاب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي ڪورونا ٽاسڪ فورس جي فيصلن ۽ صورتحال کان آگاهه ڪندي چيو آهي ته وائرس جي پهرين لهر ۾ معزز عدالت عاليا جو ڪردار ساراهه جوڳو رهيو.

سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته عام نوعيت جي ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ سان ججن، وڪيلن ۽ فريادين جو تحفظ ممڪن بڻائي سگهجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.