عمران خان عوام جي کيسي مان 700 ارب رپيا ڪڍڻ جو منصوبو بڻائي چڪو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نيپرا ايڪٽ ۾ ترميم کان پوءِ عمران خان عوام جي کيسن مان 700 ارب رپين کان وڌيڪ ڪڍڻ جو منصوبو بڻائي چڪو آهي.

بجلي ۽ گيس جي مهانگي بلن جي حوالي سان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف عمران خان کي بجلي جا بل وڌائڻ جي هدايت ڪئي ۽ پي ٽي آءِ حڪومت بجلي مهانگي ڪرڻ وارو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي، مهانگي بجلي جي صدارتي آرڊيننس ۽ نيپرا ايڪٽ ۾ ترميم کان پوءِ عمران خان عوام جي کيسي مان 700 ارب رپين کان وڌيڪ ڪڍڻ جو منصوبو بڻائي چڪو آهي.

 بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته عمران خان آءِ ايم اي جي هدايت تي پاڪستاني معيشت کي هلائي ملڪي وقار کي ملياميٽ ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستاني عوام پنهنجي بجلي ۽ گيس جي مهانگي بلن جي ذريعي عمران خان جي آءِ ايم ايف ڊيل ۾ نااهلي جو  نتيجو پيو ڀوڳي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.