بوزدار وڏا ۾ شادي شده عورت سان لڄالٽ جي ڪوشش

خيرپور (  س ر )   بوزدار وڏا شھر جي انصاري محلہ جي رھواسين ممتاز علي، منظور حسين، سونوخان، عمران،سرفراز، ڪامران انصاري جن  احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان دانھيو آھي ته  گذريل رات دير سان جوابدار شڪيل ٿيٻو ساٿين سان گڏجي ھٿيارن جي زور تي گھر۾ داخل ٿي،اسانجي عورت مسمات ارم زال شاھد انصاري جي لڄ لٽڻ جي ڪوشش ڪئي دانھن تي گھر ڀاتي سجاڳ ٿيا مزاحمت تي شڪيل ٿيٻو کي پستل سميت پڪڙي ورتو سندس ساٿي ھٿياربند فرار ٿي ويا، پڪڙيل جوابدار شڪيل ٿيٻو کي بوزدار وڏا پوليس حوالي ڪيو بوزدار وڏا پوليس دين محمد ٿيٻو، اسحاق ٿيٻو جي معرفت ڳري رقم وٺي جوابدار شڪيل ٿيٻو کي ڇڏي ڏنو الٽو گھر ڌڻين 7ڄڻن اعجازعلي، ممتاز علي، منظور حسين،سونوخان، عمران،سرفراز، ڪامران انصاري جن مٿان جھيڙي جو ڪيس داخل ڪري بوزدار وڏا پوليس اھلڪار پرائيويٽ ماڻھن سان گڏ گھر تي ڪاھ ڪري مردن عورتن ٻارڙن تي وحشياڻو تشدد ڪري ٻن عورتن مسمات شھزادي زال سونو انصاري جي ڄنگھ ڀڃي ڇڏي، مسمات رشيده، منظور، ممتازسرفراز، ڪامران، عمران انصاري لٺيون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، پوليس ھڪ نوجوان اعجاز علي انصاري کي کنڀي کڻي وئي، ٿاڻي تي مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو ويو آهي، احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن چيو ته  اسان اھڙي دانھن کڻي ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جي آفيس پھتاسين ليڪن اسان کي اھو چئي واپس ڪيو ويو ته ايس ايس پي صاحب سکر وزيراعظم جي پروٽوڪول۾ويل آھي اسان جي ھڪ ٻہ ٻڌي نٿي وڃي الٽو پوليس ونگارو بڻجي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رھي آھي،اسان سان انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن زخمي پيرسن عورت شھزادي انصاري کي سول اسپتال خيرپور۾ داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.