سعد رضوي جو نالو ” فورٿ شيڊول“ ۾ شامل، اثاثا منجمند، سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ جي سربراهه سعد رضوي جو نالو شڪي دهشتگردن جي فهرست فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪيو ويو.

پنجاب جي گهرو کاتي طرفان پابندي مڙهيل ٽي ايل پي جي سربراهه سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

شيڊول فور ۾ نالو شامل ٿيڻ کان مرحوم خادم حسين رضوي جي پٽ سعد رضوي جي ملڪيت منجمد ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيو ويو، سعد رضوي نه ڪو بينڪ اڪائونٽ استعمال ڪري سگهندو نه ئي ملڪيت جو وڪرو ۽ خريداري ڪري سگهندو.

نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) به تحريڪ لبيڪ جو نالو پابندي مڙهيل تنظيمن جي فهرست ۾ شامل ڪري ورتو.

سعد رضوي کي اصل پاسپورٽ لاڳاپيل ٿاڻي جي انچارج وٽ جمع ڪرائڻو پوندو، مستقل رهائش کان پري وڃڻ تي لاڳاپيل ٿاڻي کان اڳواٽ اجازت وٺڻي پوندي، سعد رضوي کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي ۽ ڪنهن سان ملڻو آهي ان جي به تفصيل ڏيڻي پوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.