ڳڙهي ياسين ۾ ٻيلي جي 6 هزار ايڪڙ زمين تي سگهاري ڌر جو قبضو، چيف سيڪريٽري کان رپورٽ طلب

سکر(رپورٽ :شفيع محمد ابڙو) سنڌ جي ٻيلي کاتي جي زمين ۽ ملڪيتن تي قبضن خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ جسٽس آفتاب احمد گورڙ ۽ جسٽس فهيم احمد صديقي تي مشتمل ٻه  رڪني بينچ ڪئي، ٻڌڻي دوران سنڌ جي مختلف ضلعن جا فاريسٽ آفيسر، ڪنزرويٽر ۽ چيف ڪنزرويٽر قاضي عبدالجبار سان گڏ مختلف ضلعن جا ڊي ايس پيز، روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، ٻڌڻي دوران ايس ايس پي ٽنڊوالهيار پاران مقامي زميندار سرفراز نظاماڻي کي گرفتار ڪري عدالت پيش نه ڪرڻ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عدالت ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي آءِ جي سنڌ کي محڪماڻي ڪارروائي جو حڪم ڏيندي ايڊيشنل آئي جي حيدرآباد ۽ ڊي آءِ جي کي حڪم جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي سرفراز نظاماڻي کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،ٻڌڻي دوران سرفراز نظاماڻي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سرفراز نظاماڻي اسلام آباد سپريم ڪورٽ ويو آهي تنهنڪري توهان مٿس ڪارروائي نه ڪيو جنهن تي عدالت وراڻيو ته اسان هن کي هتي پيش ٿيڻ لاءِ چيو هو ۽ هو وري اسلام آباد ويو آهي کيس گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي، ٻڌڻي دوران هڪ وڪيل پاران گهوٽڪي ضلعي ۾ جهانگير ترين سميت پوري سنڌ بااثر ماڻهن جي قبضن جي نشاندهي ڪئي جنهن تي عدالت پنهنجي رماڪس ۾ چيو ته اسان کي سڀ خبر آهي ته اصل ماڻهو ڪير آهن جيڪي سرڪاري ملڪيتن تي قبضا ڪرائي رهيا آهن اسان هن ڌرتي جا ڄاوا آهيون پنهنجو فرض نڀائي رهيا آهيون عدالت نيب سکر کي اوٻاوڙي کان وٺي ڪراچي تائين ٻيلي کاتي جي زمين مٿان قبضن ڪرڻ ۾ پشت پناهي ڪندڙن کي ظاهر ڪري مٿن ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته چيف ڪنزرويٽر پاران ڪجھ ٻيلي کاتي جي بنگلن ۽ آفيسن مٿان رينجرس جي قبضي هجڻ بابت ٻڌايو جنهن تي عدالت رينجرس کي فوري قبضا ختم ڪري آفيسون فاريسٽ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هڪ وڪيل پاران شڪارپور ضلعي جي ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ پاڪ فوج پاران ڇھ هزار ايڪڙ تي قبضي جي نشاندهيءَ ڪئي جنهن تي چيف ڪنزرويٽر عدالت کي ٻڌايو ته اها زمين قانوني طور تي فوج کي ٻيلي کاتي پاران ڏني وئي آهي، ٻڌڻي دوران هڪ وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته هي ٻيلي کاتي جي قبضن خالي ڪرڻ جو معاملو ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ليول جو نه آهي هن ۾ سگهاريون ڌريون ملوث آهن تنهنڪري هن معاملي تي سنجيدگي سان ڪم ڪيو وڃي جنهن تي معاملي مڪمل حل ۽ جواب لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ کان رپورٽ گهرائڻ يا پيش ٿيڻ جا رماڪس پڻ ڏيندي چيو ته هر صورت ۾ ٻيلن جي ٻيهر آبادڪاري چاهيون ٿا، عدالت ٻڌڻي پهرين جون تائين ملتوي ڪندي رينجرس ۽ پوليس کي ٻيلي کاتي جي عملدارن جي مڪمل مدد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ٻاهران چيف ڪنزرويٽر قاضي عبدالجبار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت پاران ٻيلي کاتي جي زمين مٿان قبضن ختم ڪرائڻ بابت ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ٻين ادارن کي به اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان جا ٻيلا ٻيهر آباد ٿي سگهن هن چيو تہ ويھ هزار ايڪڙ تازو پوري سنڌ مان زمين خالي ڪرائي جڏهن ته پنوعاقل ويجهو سڌوجا ۾ قبصاگيرن پاران حملو ڪرڻ ۽ ڪجھ زخمي ڪرڻ دوران رينجرس پري بيٺل رهي جنهن ڪري هاڻ عدالت رينجرس کي گرفتاري ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن اميد آهي ته جلد سنڌ جا ٻيلا آباد ٿيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.