صحافت سماج جو آئينو آهي:سليمان آگرو

گلشن اقبال (ن ع آ ) گسٽا صدر اوڀر محمد سليمان آگرو پاران سچل ڳوٺ ۾ صحافين جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ اڳوڻي وزير اعلي سنڌ جي پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو، محمد صالح لنڊ بلوچ، راهب ڳاهو، نصراللہ جمالي، غوث ٻگهيو ،شفقت نوناري بالاچ شاهاڻي، نعيم شاهه، ممتاز شيخ، نبي بخش خاصخيلي، اعجاز چانڊيو، ثناءاللہ هڪڙو، منصور چانڊيو، رمضان رند، رحيم مري، عطاالله عباسي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي محمد سليمان آگرو چيو ته سچي صحافت سماج جو آئينو آهي صحافي سچ لکي هر خطري کي منهن ڏيڻ ٿا پر سرڪار کين تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي اجي لالواڻي جو قتل ۽ پکي لڳ وڏيري پاران صحافي تي سرعام تشدد لاقانونيت جي انتها آهي ضلعي اوڀر جي صحافين کي پريس ڪلب لا۽ جڳهه ڏيڻ جو اعلان ڪريان ٿو نظر محمد ڳاهو چيو ته سچ جي ساٿاري قلم ڌڻين کي جس هجي جو سدائين حق جو ساٿ ڏيڻ ٿا متحد ٿيڻ سان صحافين جا ڪافي مسئلا حل ٿي سگهن ٿاصحافين کي تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي محمد صالح بلوچ چيو ته  سنڌي ميڊيا ڪراچي جي قديم وسندين جي بنيادي مسئلن لاءِ سدائين آواز اٿاريو آهي ازاد صحافت ذريعي ڪافي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا راهب ڳاهو چيو ته ڏوهاري ماڻهو اڄڪلهه صحافت جي آڙ ۾ بليڪ ميلنگ ڪري رهيا آهن اهڙن خراب ماڻھن جي نشاندهي ڪري صحافت جي وقار کي بچايو وڃي نصراللہ جمالي چيو ته صحافي پنهنجي مدد پاڻ تحت رليف ادارا ٺاهي سگهن ٿا جيڪي مشڪل گهڙي ۾ مدد ڪن غوٽ ٻگهيو، شفقت نوناري ،بالاچ شاهاڻي نعيم شاهه ۽ ٻين چيو ته صحافين محدود وسيلن باوجود پاڻ ملهايو آهي هر وقت مظلوم جي ڌر ٿي ڪم ڪبو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.