ميرپورخاص ۾ جعلي کاتن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص شوگرمل لڳ ڳوٺ ڦلوخان لنڊ جي رهواسين پاران بااثر زميندار پاران جعلي کاتا ڪرائڻ خلاف ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن محمد قاسم لنڊ، ڌڻي بخش، صاحبه سلطان فريده ۽ ٻين دانهيندي چيو ته با اثر زميندارن اسان جي 43 ايڪڙ زرعي زمين جا جعلي  کاتا پنهنجي نالي تي ڪرائي اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ اسان کي زمين تان لڏائڻ لاءِ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ پنهنجاڇاڙتا موڪلي  هراسان ڪري رهيا آھن هنن مطالبو ڪيو ته جعلي کاتن ٺهرائي  اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏيندڙ بااثر زميندارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي انضاف ۽ تحف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.