سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن پاران ثقافتي رهاڻ

حيدرآباد(رپورٽر) ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پراڻن شاگردن طرفان ثقافتي رهاڻ رچائي وئي, سوشالاجي ڊپارٽيمينٽ سنڌ يونيورسٽي جي 96 بيچ طرفان ٿيل ثقافتي تقريب ۾ ثقافتي رنگن سان گڏ راڳ جي محفل به مچائي وئي. تقريب کي ڊائريڪٽر ايريا اسٽيڊي ڊاڪٽر مڪيش ڪمار، شاهه لطيف علمي ادبي فورم جي اڳواڻ لٽريسي آفيسر شفيع ملاح، محمد رحيم مريداڻي، احمد علي چنا، چيتن ڪمار، محمد بخش راڄپر، عنايت الله سهتو، عبدالمجيد پنهور ۽ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي امن، پيار ۽ محبت وارين ثقافتي رنگن سان ڀريل ڪچهرين جي ضرورت آهي، جن سان امن ۽ رواداري وارن جذبن سان گڏ سهپ ۽ برداشت به پيدا ٿئي ٿي. هنن چيو ته سنڌ امن ۽ پيار جو گهر آھي، ڳوٺن ۾ جڏهن اهڙي قسم جون ڪچهريون ۽ محفلون ٿينديون هنيون تڏهن ماڻھن ۾ گهڻي محبت هوندي هئي. هنن چيو ته صوفين جي ڌرتي تان انتهاپسندي کي رد ڪري محبت جا ميلا مچايون، اڄ سڄي سنڌ مان 20 سالن کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي سوشالاجي جا پراڻا شاگرد هتي ڪهي آيا آهن، جن پنهنجيون يادون تازيون ڪيون آهن، اڄ انتهائي خوشي جو ڏينهن آھي، اسان سڀئي گڏجي هڪ بهترين سماج اڏي سگهون ٿا، پر اهو تڏھن ئي ٿي سگهي ٿو، جڏھن اسان ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾ تعليم جي پرچار ڪيون، ثقافتي رهاڻ ۾ تقريرن کانپوءِ سگهڙن جي ڪچهري ۽ موسيقي جي محفل پڻ ٿي. محفل ۾ سنڌ جي مشھور مزاحيا فنڪار قادربخش مٺو پنهنجي فن ذريعي محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو. سگهڙ عاجز لاشاري ڏور بيت ٻڌايا ۽ ڳجهارتون ڏئي خوب داد حاصل ڪيو. فنڪار افتخار سومري ۽ سريلي راڳي وقار ملاح پڻ ڪلام ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.