غوثپور: 5 سال اڳ قتل ٿيل ڳوٺاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو،ڌرڻو

غوثپور ۾جمال جي علائقي ڳوٺ باز محمد مري ۾ 5 سال اڳ چاچڙ برادري جي ھٿيار بندن هٿان قتل ٿيل ميران بخش چاچڙ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڳوٺ جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري صحافين جي ٽيم اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي محمد عيسي موج علي چاچڙ ڌڻي بخش قائم علي چاچڙ ۽ ٻين چيو ته جوابدارن شبير احمد، مراد علي، شهمير ،عبد الخالق عبدالباري چاچڙ اسان جي نوجوان کي بيدردي سان قتل ڪيو ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ڪرمپور پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ اسان کي گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي ، هنن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ۽ ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.