پکو پوليس جي ڪارروائي،قتل ڪيس ۾ گھربل 3 اشتھاري ڏوھاري گرفتار

پکو پوليس ڪاروائي ڪندي قتل ڪيس ۾ گھربل ٽي اشتھاري ڏوھاري گرفتار ڪري ورتا آھن ،  پکو پوليس ڳجهي اطلاع تي علائقي جي ناڪابندي ڪندي گھربل جوابدارن شبير پُٽ محمد خان مغيري , عبدالقادر پُٽ رمضان مغيري ۽ نثار علي پُٽ محمد عرس مغيري کي فرار ٿيندي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته گرفتار جوابدارن کي سخت پھري ھيٺ قمبر جيل منتقل ڪيو ويو ، ان حوالي سان پکو ٿاڻي جي ايس ايڇ او سڪندر چنا ٻڌايو ته ھڪ مھينو اڳ ڳوٺ عباس مغيري ۾ قتل ٿيل نوجوان ارباب علي مغيري جي قتل ڪيس ۾ گھربل اشتھاري جوابدار پکو ٿاڻي جي حدن مان فرار ٿي رھيا ھئا ته ڳجھي اطلاع ملڻ تي علائقي جي ناڪابندي ڪري کين گرفتار ڪري ورتو ، جن کي وڌيڪ جاچ لاءّ قمبر جيل منتقل ڪري ڇڏيو آھي، ھوڏانھن مقتول نوجوان ارباب مغيري جي ڀاءُ انور علي جو چوڻ آھي ته ھڪ مھينو اڳ اسان جو نوجوان ڀاءُ عصر وقت سبزي کڻي قمبر وڃي رھيو ھو ته گرفتار جوابدارن ڳوٺ ٻاھران تاڙ ۾ بيھي کيس گوليون ھڻي قتل ڪيو هو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.