ڄام صنم سنڌي جي شخصيت جا گهڻ پاسا

زرار پيرزادو

¨ اڄوڪي ڪالم جو موضوع هونئن ته نامياري ليکڪا ڄام صنم سنڌي جي اڄوڪي سالگرهه آهي پر سندس ذاتي تاريخ کي پڙهجي ٿو ته سندس شخصي پاسا واقعي به نوٽ ڪرڻ جهڙا آهن.

¨ ڄام صنم سنڌي بظاهر هڪ شخصيت آهي پر پنهنجي جوهر ۾ هوءَ هڪ نه پر گهڻ صلاحيتي، گهڻ رخي ۽ گهڻن شعبن ۾ ورهايل شخصيت آهي.

¨ ٻيو ته ڇڏيو سندس نالا به گهڻا ۽ دلچسپ پسمنظر ۾ رکيل آهن. سندس والد سياسي طور تي ذوالفقار علي ڀٽي جي خاندان مان متاثر هو، تنهنڪري هن پنهنجي ڌيءَ تي  ڇٺيءَ جو نالو ” بينظير“ رکيو پر ننڍپڻ ۾ بيمار رهڻ لڳي ته ڳورو نالو سمجهي ڪري مٽائي ” صنم“ رکينس جيڪو پڻ ڀٽي صاحب جي نياڻي جو نالو آهي. جڏهن ته گهر اندر ۽ مٽن مائٽن ۾ وري ”چندا“ ڪري سڏيندا اٿس. ادبي ۽ ميڊيائي سطح تي  ” ڄام صنم سنڌيءَ“ جي نالي سان مشهور آهي.

¨ وري جيڪڏهن تعليم ڏسجيس ته ان ۾ به ڪيتريون ئي ڊگريون ماڻيون اٿائين. پاڻ بي ايس سي به آهي، ته سوشيالاجي ۾ به ماسٽر ٿيل اٿس ۽ هاڻي ايم اي سنڌي ڪري رهي آهي.

¨ ڄام صنم سنڌيءَ جو ايئن ادبي استاد به ڪو هڪ نه پر گهڻا آهن. هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو اٿائين ته هوءَ راشد مورائي، رسول بخش گچيرائي ۽ محمد علي پٺاڻ کي ادبي استاد تسليم ڪندي آهي.

¨ ڄام صنم سنڌيءَ ايئن ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڻ کي ورهائي رکيو آهي. هوءَ هڪ ئي وقت اديب، ڪالم نگار، ڪمپيئر، نيوز ڪاسٽر ۽ سماجي ورڪر رهي آهي.

¨ ميڊيا جي به سڀني پليٽ فارمن جهڙوڪ اخبارن، ٽي وي چينلن ۽ ريڊيو تان مختلف ڪالم لکندي۽ پروگرام جي ڪمپيئرنگ ڪندي رهي آهي.

¨ وڏي ڳالهه ته ڄاڻايل سڀني شعبن ۾ ايوارڊ به ماڻي چڪي آهي. بهترين ڪالم نگار، بهترين ڪمپيئر، بهترين نيوز ڪاسٽر ۽ سماجي اڳواڻ طور مڃتا ايوارڊ حاصل ڪيا اٿائين.

¨ ڄام صنم سنڌيءَ، ۾ ننڍپڻ کان ئي نمايان رهڻ جي صلاحيت هئي. سندس وڏي ڀيڻ رضيه مورائي جي هڪ تحرير موجب:” جڏهن صنم ننڍڙي هوندي هئي ته هوءَ عام ٻارن واريون رانديون نه ڪندي هئي بلڪه گهر ۾ ٻارن کي گڏ ڪري ڪڏهن ڪوئيز پروگرام ته ڪڏهن ٻارڙن جي ٻاري پروگرام ڪندي ۽ ان جي ميزباني ڪندي هئي“.

¨ بقول رضيه مورائي جي ته سندس ميزباني ۾  هم قافيه لفظ ٻڌي سندس والد جيڪو علائقي جو قابل احترام استاد هو تنهن پيشن گوئي ڪئي هئي ته منهنجي ڌيءَ وڏي ٿي پروين شاڪر ٿيندي ۽ ڄام صنم سنڌيءَ ان پيش گوئي کي درست ثابت ڪندي شاعره طور مشهوري ماڻي ورتي آهي.

¨   سندس شاعري کي ڳاتو به ويو آهي. ترت سندس شاعري جو ڪتاب ڇپجڻ وارو به آهي. شاعري به ڪنهن هڪ نه پر مختلف ٻولين جهڙوڪ سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، اردو ۽ انگريزي ۾ ڪئي آهي.

¨ جڏهن ته سندس ڪالمن تي ٻڌل ڪتاب ” ساهه سنديون ڳالهيون“ هڪ مهينو اڳ شايع ٿي چڪو آهي.ڪالم نگاري ۾ ڄام صنم سنڌي اڄ به هڪ ئي وقت ٻن اخبارن ۾ ڪالم لکي رهي آهي.عوامي آواز اخبار ۾ ”ڪيم روح رهاڻ“  ۽ هلال پاڪستان ۾ ”صوفي ازم“ جي سري هيٺ هفتيوار ڪالم لکي رهي آهي. جنهن جا موضوع به گهڻ رخا، سياسي، سماجي، ادبي، تصوف، مذهب، اخلاقيات، ۽ ڪرنٽ اشوز تي ٻڌل هوندا آهن.

¨ موري شهر ۾ رهندڙ هن نياڻيءَ پنهنجي محنت، حوصلي ۽ بهادري سان مرداڻي سماج جي ڪنڊن تان پنهنجا پيرن پٿون ڪري جيڪو ادب ۽ ميڊيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهيو آهي سو سندس غير معمولي سرگرمين جو چٽو  ثبوت آهي.

¨ ڄام صنم سنڌي جي اڄوڪي سالگرهه جو ڏکوئيندڙ پاسو اهو آهي ته سندس زندگيءَ جي هي پهرين سالگرهه آهي جيڪا هوءَ پنهنجي امڙ کانسواءِ ملهائي رهي آهي. ڪجهه مهينا اڳ ئي سندس امڙ کانئن جسماني طور وڇڙي وئي هئي.

¨ پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڄام صنم سنڌيءَ وٽ سندس ماءُ جهڙي بيحد شفيق ۽ مٿس ساهه ڏيندڙ وڏي ڀيڻ ۽ ليکڪا رضيه مورائي موجود آهي جيڪا کيس ماءُ جون سڀ آسيسون ڏيندي اڄ سندس جنم ڏينهن جو ڪيڪ ڪٽيندي ۽ کائنس ماءُ جي صدمي کي طاقت ۾ بدلائڻ جو وچن وٺندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.