وفاق سنڌ سان تعصباڻو رويو اختيار ڪري رھيو آھي: ڄام اڪرام الله ڌاريجو

صنعت تجارت ۽ اينٽي ڪرپشن جي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آھي ته وفاق سنڌ سان تعصباڻو رويو اختيار ڪري رھيو آھي. وفاق سنڌ جي صنعتن لاءِ گيس بند ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ملڪ کي ستر سيڪڙو گيس سنڌ ڏئي رهي آهي، هن چيو ته وفاق پاران اهڙو رويو رهيو ته اسان احتجاج ڪرڻ تي مجبور هونداسين. حيدرآباد جي شھباز بلڊنگ ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي سندس چوڻ هو ته ڪجهه سياسي پارٽيون اهو تاثر ڏئي رهيون آهن ته پيپلزپارٽي ڊيل ڪري ورتي آھي پر ان ڳالهه ۾ ڪا به صداقت ناھي جيڪڏھن ڊيل ڪيون ھا ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي نه اچي ها بينطير ڀٽو کي شهيد نه ڪيو وڃي ها ، هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. صوبائي وزير اڪرام الله ڌاريجو چيو ته اسان نٿا چئون ته اينٽي ڪرپشن جي اداري ۾ ڪرپشن نٿي ٿئي پر اسان جي ڪوشش آهي ته آفيسر بهترين ڪارڪردگي ڏيکارين

رپورٽ_حسيب لطيفي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.