”اهو نٿو ٿي سگهي ته ٻين کي پڪڙيون ۽ پنهنجن کي ڇڏي ڏيون“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب ۽ گهرو معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي اهو نٿو ٿي سگهي ته احتساب ۽ قانون جي بالادستي جو نعرو هڻي ٻين کي پڪڙيون ۽ پنهنجن کي ڇڏي ڇڏيون.

جهانگير ترين جي ميار تي جواب ڏيندي شهزاد اڪبر چيو توهان جو نعرو احتساب جو آهي ته پوءِ اهو نٿو ٿي سگهي ته توهان رڳو ٻين جو احتساب ڪيو، ڪنهن هڪ گروهه يا شخص خلاف ڪارروائي نه ڪئي پئي وڃي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اندازا لڳايا پيا وڃن ته جهانگير ترين شايد منهنجي ۽ پرنسپل سيڪريٽري بابت ڳالهائي رهيو آهي، جهانگير ترين سان ذاتي طور منهنجو ڪو مسئلو ناهي، هو ڪامياب بزنس مين آهي، منهنجو رول ڏاڍو ڏکيو آهي، ان ۾ دوست به وڃائيندي ويندا آهن، جن جن کنڊ ۾ پئسو کاڌو، انهن کان واپس وٺنداسين.

پي ٽي آءِ ميمبرن طرفان جهانگير ترين سان گڏ عدالت وڃڻ جي معاملي تي شهزاد اڪبر چيو ته منهنجي ذميواري احتساب جي نه هجي ها ته شايد مان به گڏ هليو وڃان ها، گڏ وڃڻ جو مقصد گروپ ٺاهڻ ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.