سنڌ ۾ اٺين جماعت تائين اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي جا سمورا سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا اٺين جماعت تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني ٽوئيٽر تي ٻڌايو ته ڪورونا جي صورتحال سبب صوبي ۾ سمورن نجي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ اٺين جماعت تائين ڪلاسون 6 اپريل کان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته اٺين جماعت تائين ڪلاسن ۾ تعليمي سلسلو ايندڙ 15 ڏينهن تائين معطل رهندو پر ٻارن جي تعليم کي آن لائن، هوم ورڪ ۽ ٻين ذريعن سان جاري رکي سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.