حليم عادل شيخ سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جوڊيشل مجسٽريٽ ملير، ڪراچي جي عدالت سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ سمت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران حليم عادل شيخ سميت سمورن جوابدارن ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

جوابدارن موقف اختيار ڪيو ته اسان تي ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو، اسان جي فارم هائوسز تي ڪارروائيون ڪيون ويون.

جوابدارن جو عدالت جي آڏو اِهو به چوڻ آهي ته سياسي مخالفت جي ڪري اسان جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ۽ اسان تي ڪيس ڪيو ويو.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 17 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پوليس موجب حليم عادل شيخ سميت سمورن جوابدارن تي سپر هاءِ وي کي بلاڪ ڪرڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جا الزام آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.