ڀارتي اداڪار پاريش راول به ڪورونا وائرس ۾ وٺجي ويو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ناليوارو ڀارتي اداڪار پاريش راول به ڪورونا وائرس ۾ وٺجي ويو.

65 سالن جي پاريش راول سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر جي ذريعي پنهنجي مداحن کي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هئڻ جو اطلاع ڏنو.

بالي ووڊ جي ڪيترين ئي ڪامياب فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ پاريش راول پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪورونا مثبت اچڻ کي بدقسمتي قرار ڏنو.

پاريش راول چيو ته هن جي انهن سمورن ماڻهن جيڪي گذريل 10 ڏينهن ۾ هن سان رابطي ۾ هئا انهن کان درخواست آهي ته پنهنجي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائن.

ان کان اڳ هلندڙ مهيني 9 مارچ تي پريش راول ڪورونا ويڪسين جو پهريون ڊوز هڻايو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.