سکر: صوبائي صلاحڪار نواب وساڻ، جاويد شاهه ۽ ٻين تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم

سنڌ ھاء ڪورٽ سکر بئنچ اڳوڻي ايم پي اي جاويد شاھ ،صوبائي صلاحڪار  نواب وساڻ سميت 25 ڄڻن تي ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، سنڌ ھاء ڪورٽ سکر بئنچ ۾ درخواست گذار پنھنجي وڪيل معرفت درخواست ۾ ڄاڻايو ته 2018 جي اليڪشن دوران  پيرڳوٺ ۾  نواب وساڻ ۽ جاويد شاھ جيلاني جي اڳواڻي ۾ ڪئمپ تي حملو ڪري 6 ڄڻن کي زخمي ڪيو ويو ھو ، درخواست ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته اھڙي درخواست خيرپور جي ڊسٽرڪٽ عدالت ۾ داخل ڪئي وئي ھئي، عدالت درخواست رد ڪئي ھئي جنھن بعد ھاء ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ، عدالت ٻنھي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ايس ايڇ او پيرڳوٺ کي  صوبائي صلاحڪار  نواب وساڻ ، اڳوڻو ايم پي اي جاويد شاھ جيلاني سميت 25 ڄڻن تي حملي جي ايف آئي آر داخل ڪري ٽن ڏينھن جي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.