ڏيپلو : شھري اتحاد پاران شهر جي مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي ريلي

شھري اتحاد ڏيپلو  پاران شهر جي مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جمعيت علماء اسلام جي اڳواڻ ۽ سينئر صحافي عبدالرحمن اوٺو ، عمران باغي ، عباس ڪلر، ابراھيم لنڊ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  شھري مسئلن جي  حل لاء پريس ڪلب کان الله والا چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي،  اڳواڻن جو چوڻ ھو ته شھر جو ڪوبه مسئلو حل نٿو ٿئي، ضلعي آفيسر پنهنجي آفيسن مان گم آهن،  ماڻھو پنهنجي مسئلن ۽ شڪايتون درج ڪرائڻ لاءِ پريشان آهن ،ريلي ۾شريڪ شهرين جو چوڻ هو آفيسر ڪوڙن بلن ذريعي هر مهيني لکين رپيا لٽي رهيا آهن ، شهر جو ڪو به ڪم نه پيو ٿئي ، هنن مطالبو ڪيو ته اعليٰ اختياريون انهن جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺي شهرين جا مسئلا حل ڪرائين .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.