عورتن ۽ ٻارن کي قانوني تحفظ ملڻ تائين جدوجهد جاري رهندي: وومينز ايڪشنز فورم اڳواڻ

وومينز ايڪشن فورم ۽ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اڳواڻ عورتن امر سنڌو، عاليه بخشل، حسين مسرت، گلبدن جاويد، ڊاڪٽر بختاور ۽ مارئي لطيفي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين کي مارچ جي دعوت ڏيڻ دوران ڳالهائيندي چيو ته عورتن جي عالمي ڏينهن 8 مارچ تي منجهند جو هڪ وڳي شهباز بلڊنگ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ٿيندڙ آزادي عورت مارچ ۾ سماج جا سمورا طبقا حصو وٺندا، اسين سماج جي انهن عورتن ۽ ٻارڙن جو آواز بڻجنداسين، جيڪي ڏتڙيل، محڪوم ۽ مظلوم آهن، مارچ ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙ جنسي تشدد، گهرو تشدد، ذهني تشدد خلاف آگاهي ڏئي عورتن ۽ ٻارڙن کي تحفظ ڏيڻ جي گهر ڪئي ويندي. صحافين سان ڳالهائيندي امر سنڌو چيو ته عورتن کي اقتصادي ۽ معاشرتي ترقي ۾ برابري جي بنياد تي شراڪت ڏني وڃي. عورتن کي سماجي، معاشي، سياسي، ثقافتي ۽ شهري حقن جو به تحفظ ڏنو وڃي. ڪنهن به واقعي ٿيڻ کان پوءِ ڏوهاري کي سزا ڏيڻ مسئلي جو حل ناهي، جيستائين معاشري ۾ عورت ۽ ٻار کي معاشرتي ۽ قانوني تحفظ نٿو ملي، اسان جي هيءَ جدوجهد جاري رهندي.

رپورٽ-حسيب لطيفي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.