عراق جي بچاءِ واري وزير جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عراق جي بچاءِ واري وزير جمعه عناد سعدون الجبوري پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي.

پرڏيهي وزارت ۾ ٿيل ملاقات ۾ دفاعي پيداوار بابت وفاقي وزير زبيده جلال به موجود هئي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن جي لاڳاپن، علائقائي سلامتي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ گھرا برادراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان عراق سان گڏ پنهنجي لاڳاپن کي گھڻي اهميت ڏيندو آهي ۽ انهن کي مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي.

هن چيو ته پاڪستان، عراق جي علائقائي سالميت جي ڀرپور حمايت ڪندو آهي.

پرڏيهي وزارت پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻنهي طرفن جي لاڳاپن کي  هٿيءَ لاءِ اعليٰ سطحي وفدن جي ڏي وٺ تي زور ڏنو.

ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ سيڪيورٽي ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. عراق جي بچاءَ واري وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.