سينيٽ چونڊون ريفرنس: قانون تي بدنيتي سان عمل ٿئي ته مسئلا جنم وٺندا آهن: سپريم ڪورٽ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته قانون ۾ جيڪو به داخل آهي، ان تي نيڪ نيتي سان عمل ڪرڻو هوندو آهي، قانون مڪمل طور تي معصوم ۽ انڌو هوندو آهي پر قانون تي بدنيتي سان عمل ٿئي ته مسئلا جنم وٺندا آهن.

چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، جتي اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد خان، صوبائي نمائندا ۽ معاملي ۾ ڌرين جا ٻيا ماڻهو پيش ٿيا.

ان موقعي تي اٽارني جنرل چيو ته جيڪڏهن اربع تائين ڪيس مڪمل نه ڪيو ويو ته 3 مارچ تي اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊون نه ڪرائي سگهندي.

پ پ جي وڪيل سينيٽر رضا رباني دليلن ۾ چيو ته آئين ووٽ وجهندڙ جي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي، جتي ووٽن جي خريد ۽ وڪرو ٿيندو قانون پنهنجو رستو ٺاهيندو، ڪرپشن ووٽنگ کان اڳ ٿيندي آهي ته ان لاءِ ووٽ ڏسڻ جي ضرورت ناهي.

جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته اهڙو طريقو به ٻڌايو ته ووٽ ڏٺو به وڃي ۽ سيڪريسي به متاثر نه ٿئي، جيڪڏهن معاهدو ٿئي ته اڌ رقم ووٽ وجهڻ کانپوءِ ملندي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته قانون مڪمل طور تي معصوم ۽ انڌو هوندو آهي، ان تي بدنيتي سان عمل ٿئي ته مسئلا جنم وٺندا آهن، ڪو اهڙو نظام ناهي ته خبر پئجي سگهي ڪنهن ڪنهن کي ووٽ ڏنو؟ رشوت ووٽ سان جڙيل آهي ته ان جو جائزو ڪيئن نٿو وٺي سگهجي؟ هر شخص ڪرپشن ۽ ڪرپٽ پريڪٽس جي خلاف آهي، ان سڄي مشق کي ضايع ٿيڻ نه ڏنو وڃي.

ان موقعي تي اٽارني جنرل ٻڌڻي جلد مڪمل ڪرڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته اربع تائين ڪيس مڪمل نه ڪيو ويو ته 3 مارچ تي اليڪشن ڪميشن چونڊون نه ڪرائي سگهندي.

هن چيو ته صدارتي ريفرنس ۾ سياسي جماعتن کانسواءِ ڪنهن جي دليلن جو ڪو حق نٿو ٺهي، بار ڪائونسلز جو سياسي معاملي سان ڪو واسطو ناهي، انهن جا دليل ٻڌڻ جي ڀرپور مخالفت ڪيون ٿا.

سپريم ڪورٽ رضا رباني، فاروق ايڇ نائيڪ، بئريسٽر ظفر الله ۽ بار ڪائونسلز کي اربع ڏينهن اڌ اڌ ڪلاڪ ۾ دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.