فيصل واوڊا سينيٽ چونڊ لاءِ اهل قرار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل سينيٽ چونڊ لاءِ تحريڪ انصاف اڳواڻ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نامزدگي ڪاغذن خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي.

اليڪشن ٽربيونل سينيٽ چونڊ لاءِ فيصل واوڊا جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري تي رٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف قادر خان مندوخيل جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

اليڪشن ٽربيونل ٻڌڻي دوران ميڊيا کي ڪوريج کان روڪي ڇڏيو ۽ عدالتي عملي ميڊيا جي نمائندن کي عدالتي ڪمري کان ٻاهر وڃڻ جون هدايتون ڏنيون.

اليڪشن ٽربيونل ٻڌڻي کانپوءِ وفاقي وزير فيصل واوڊا خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي نامزدگي کي درست قرار ڏيندي کيس سينيٽ چونڊن لاءِ اهل قرار ڏنو.

اليڪشن ٽربيونل موجب نامزدگي ڪاغذن بابت اسان جا اختيار محدود آهن، تنهن ڪري اپيل ڪندڙ چاهي ته آئيني درخواست داخل ڪري سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.