ڪرپشن پڪڙڻ ويلن پاڻ لکين رپيا ڏئي جان ڇڏائي: مريم نواز

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عوام جو پئسو پنهنجي ذاتي انا جي جنگ ۾ ڦٽو ڪندڙن جو احتساب باقي آهي.

ٽوئيٽر تي بيان ۾ مريم نواز چيو ته نواز شريف جي دشمنن کي وري ذلت جوڳي شڪست ٿي، اهي ڪرپشن پڪڙڻ ويا هئا پر 45 لک ڏئي جان ڇڏائي، نواز شريف چيو هو ته مان پنهنجو معاملو الله تي ٿو ڇڏيان ۽ الله پنهنجي بندن جي حفاظت پاڻ ڪندو آهي، عمران خان ۽ سندس ساٿين کي به ڏنڊ ڀرڻو پوندو، جيڪو ناڻي نه ذاتي کيسن مان ڪڍيو ويندو.

هن چيو براڊ سيٽ ته پنهنجي ڪوڙن الزامن تي عدالت ۾ عزت ڪرائي چڪي آهي پر انهن ماڻهن جو احتساب باقي آهي، جيڪي پاڪستاني عوام جو پئسو پنهنجي ذاتي انا جي جنگ ۾ ڦٽو ڪندا رهيا، جيڪي لڪي لڪي براڊ شيٽ وارن سان ملندا هئا ۽ پنهنجو حصو گهرندا هئا پر هاڻ سڀ حقيقتون عوام سامهون اينديون.

سندس چوڻ هو ته براڊ شيٽ کي لنڊن فليٽس بابت سوال اٿارڻ ۽ پوءِ عدالت مان ڀڄڻ تي نواز شريف جي وڪيل کي 45 لک رپيا ادا ڪرڻا پيا، ڪوڙ ۽ دوکي جي راند ۾ ائين ئي ڳالهه ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.