ميرپورخاص: نشي ۾ ڌت ڪار سوار جو رڪشا کي ٽڪر،3 ڄڻا زخمي،ڪار سوار جو ناٽڪ

ميرپورخاص تعلقي ٿاڻي جي حد  مين ميرواھ روڊ تي نشي ۾ ڌت ڪار سوار اقرار لغاري رڪشا کي ٽڪر هڻي ٽن ماڻھن کي سخت زخمي ڪرڻ  کانپوءِ ٻن ڪلاڪن تائين ڪار سميت روڊ ڀرسان خامي ۾ موجود رهي ماڻهن کي پسٽل ۽ تلوار ڏيکاري ڊيڄاريندو رھيو،  ويجھو اچڻ تي پنھجي ڪنڌ تي تلوار رکي پاڻ کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رھيو،  اطلاع تي حد جي پوليس پھچي کيس ٻاھر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندي سندس وارثن جي مدد سان ٻن ڪلاڪن بعد گرفتار ڪري ورتو،  سَون جي تعداد ۾ ماڻھن جو مجموعو گڏ ٿيڻ سبب ٽريفڪ به جام ٿي وئي نشي ۾ ڌت شخص گارگند پڻ ڪندو رھيو سندس مامي ظھير لغاري جو چوڻ هو ته اقرار لغاري جو ذھني توازن درست نه هجڻ ڪري هو اهڙيون حرڪتون ڪندو رهندو آهي

رپورٽ-هاشم شر

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.