سنڌ حڪومت جو اسڪولن ۾ داخلا وٺندڙ ٻارڙن جي طبي ٽيسٽن جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت وبائي مرضن جي پکيڙ تي ضابطي لاءِ صوبي اندر اسڪولن ۾ داخلا وٺندڙ هر ٻار جون ٽي بي، هيپاٽائيٽس ۽ ٻيون ضروري طبي ٽيسٽون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سنڌ جي صحت کاتي طرفان جاري بيان موجب صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي سربراهي ۾ منتقل ٿيندڙ بيمارين تي ضابطي جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ اسڪولن ۾ داخلا وٺنبدڙ هر ٻار جون ٽي بي، هيپاٽائٽس ۽ ٻيون ضروري طبي ٽيسٽون ڪيون وينديون.

ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته هڪ ٻئي مان منتقل ٿيندڙ بيمارين تي ضابطو ان جي سڃاڻپ کان پوءِ ئي ممڪن ٿي سگهندو.

هن چيو ته اسڪريننگ سان اسان 32 مختلف مرضن جي سڃاڻپ ڪري سگهون ٿا، جنهن سان بيمارين کي سمجهڻ ۽ علاج ۾ مدد ملي سگهندي.

اجلاس ۾ اِهو به فيصلو ڪيو ويو ته ٽي بي جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ دوائن جي کلي عام وڪري تي ڪنٽرول ڪيو ويندو.

سنڌ جي صحت واري وزير جو چوڻ هو ته صوبائي حڪومت، ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جي تحت علاج ۽ دوائن جي فراهمي مفت ڪري رهي آهي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته لاڙڪاڻي جي علائقي رتوديري ۾ اميد وارين عورتن جي ايڇ آءِ ڊي ۽ ايڊز جي اسڪريننگ ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.