انساني حقن جي ڪميشن جي اتر وزيرستان واقعي جي مذمت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) انساني حقن واري ڪميشن اتر وزيرستان ۾ سماجي ڪارڪن عورتن جي قتل جي سخت مذمت ڪئي آهي.

ايڇ آر سي پي مطالبو ڪيو ته رياست گندي ڏوهه جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ لازمي آڻي.

هن چيو ته علائقي ۾ دهشتگرد گروپن جو ٻيهر ڪَرُ کڻڻ سنگين ڳڻتي جو سبب آهي، شهرين جي جان ۽ مال جي هر قيمت تي حفاظت اختيارين جي ذميواري آهي.

ايڇ آر سي پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان مقتول عورتن جي ڏکويل خاندانن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.