ملڪ ۾ سون اڃا سستو ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي في تولي قيمت ۾وڌيڪ 250 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.

سنڌ جي سونارا ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 250 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي جنهن کان پوءِ في تولو قيمت 109950 ٿي وئي آهي.

10 گرام سون جي قيمت ۾ به 214 رپيا گهٽتائي ٿي آهي جنهن کان پوءِ 10 گرام سون 94 هزار 264 رپين جو ٿي ويو آهي.

ايسوسيئيشن موجب عالمي صرافا بازار ۾ سون جي قيمت ۾ 13 ڊالرن جي گهٽتائي ٿي آهي ۽ في اونس سون 1772 ڊالرن جو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.