زاھد محمود ڀٽي ڪير آھي ؟

سنڌيڪار: سرمد سولنگي

زاھد محمود ڀٽي ويھه مارچ اڻويهه سئو اٺاسي ۾ دادو ۾ ڄائو، سندس خاندان جو واسطو دادوءَ ويجھو ڪڪڙ شھر سان آھي، جيڪو سٺ جي ڏهاڪي ۾ ڪڪڙ کان دادو منتقل ٿيو.

زاهد محمود جو پيءُ نادرا مان سورنھين گريڊ جي آفيسر طور ريٽائر ٿيو، ھن پنھنجي اولاد کي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم ڏياري، ڇاڪاڻ جو ھو خانگي اسڪولن جون ڳريون فيسون ڀرڻ جي پوزيشن ۾ نه ھو.

زاھد جڏھن ڪرڪيٽ سان ناتو جوڙيو ته ھن ڪڏھن به اھو نه سوچو ھو ته سندس ڪرڪيٽ دادوءَ مان شروع ٿي دادوءَ ۾ ختم ٿي ويندي پر سندس حوصلو ايترو ته بلند ھو جو ھو سدائين عالمي ڪرڪيٽ کيڏڻ بابت سوچيندو رھيو.

هن شروعاتي تعليم پنھنجي پاڙي جي اسڪول مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ استاد بخاري ڊگري ڪاليج مان انٽر ڪيائين ۽ سنڌ يونيورسٽي مان فزيڪل ايجوڪيشن ۾ وٽس بيچلر جي ڊگري آھي.

ھن نائين ڪلاس ۾ ھوندي ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي، منجھس ڪرڪيٽ جو شوق پنھنجي وڏي ڀاءَ خالد محمود کي کيڏندو ڏسي جاڳيو ۽ ھو سندس بيٽ ۽ ڪِٽ بيگ استعمال ڪرڻ لڳو.

سندس وڏو ڀاءَ درس ۽ تدريس جي شعبي سان سلهاڙيل آھي، ھن وڏي ڪوشش ڪئي ته زاھد کائنس انگريزي ٻولي سکي پر زاھد جي دماغ تي ھر وقت ڪرڪيٽ ڇانيل رھي، جڏھن  وڏي ڀاءَ ڏٺو ته زاھد ڪرڪيٽ ۾ تمام گھڻي دلچسپي وٺي رھيو آھي، تڏھن ھڪ ڏينھن کيس پاڻ وٽ ويھاري چيو ته جيڪڏهن توکي ڪرڪيٽر ٿيڻو آھي تي پوءِ فل ٽائيم ڪرڪيٽ کيڏڻي اٿئي ۽ ھاڻ مان توکي ھر ڏينهن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ڏسان.

پاڪستان ڪرڪيٽ تائين پھچڻ جو سفر

زاھد محمود ڪلب ڪرڪيٽ جي شروعات رائل ڪلب طرفان ڪئي، ان ڪلب جو سربراهه پير مظهرالحق جو ننڍو ڀاءُ پير معظم آھي، ان کان پوءِ زاھد برادرز ڪرڪيٽ ڪلب جي نمائندگي ڪئي، جنھن جو سربراهه پرويز چانڊيو آھي، جيڪو صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر ڪلثوم چانڊيو جو ڀاءُ آھي، ان مان اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو سنڌ جي ڪلب ڪرڪيٽ ۾ سياسي شخصيتون وڏو اثر رکن ٿيون.

زاھد محمود جي ليگ اسپنر بڻجڻ جو پس منظر اھو آھي ته ھن تيز بالر طور ڪرڪيٽ شروع ڪئي ھئي، ان وقت ھڪ ٻيو اسپنر شاھد سولنگي موجود ھو، جنھن کيس اسپن بالنگ جي صلاح ڏني.

2009 ۾ انٽر ڊسٽرڪٽ سينيئر ٽورنامينٽ ۾ زاھد محمود 9 وڪيٽون ورتيون، پنجن ميچن ۾ پنجاهه کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ سبب کيس قائد اعظم ٽرافي ۾ حيدرآباد طرفان کيڏڻ جو موقعو مليو.

زاھد محمود فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ حيدرآباد، پشاور، پي ٽي وي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي ٽيمن جي نمائندگي ڪئي آھي، ھو پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز طرفان پڻ ھڪ ميچ کيڏي چڪو آهي.

زاهد محمود جي اسپن بالنگ جو جادو ڏسي کيس قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين چيف سليڪٽر محمد وسيم ڏکڻ آفريقا خلاف ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ چونڊيو ۽ زاهد محمود پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ئي ميچ ۾ اهڙو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو، جو عالمي سطح تي سندس واکاڻ ڪئي وئي.

ڪرڪيٽ جي عالمي تنظيم (آءِ سي سي) پڻ ڏکڻ آفريقا خلاف شاندار ڊيبيو تي زاهد محمود کي سٺن لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي.

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.