هڪ دور هيو جڏهن بليڪ بيري سڄي دنيا ۾ مقبول ترين اسمارٽ فونز ڪمپنين مان هڪ هو پر ڪينيڊا جي هن ڪمپني سيپٽمبر 2016ع ۾ اعلان ڪيو هو ته مالي ڏکيائين جي ڪري هو وڌيڪ اسمارٽ فونز تيار نه ڪندو ۽ اهڙي طرح هڪ عهد جو خاتمو ٿيو هو.
بعد ۾ ڪمپني پنهنجو لائسنس چيني ڪمپني ٽي سي ايل کي ڏنو ويو هو ۽ ان طرفان ڪجهه فونز به پيش ڪيو ويو هو.
پر فيبروري 2020ع ۾ بليڪ بيري موبائل جي ٽي سي ايل سان ڀائيواري ختم ٿي وئي هئي.
پر 2021ع ۾ بليڪ بيري فونز هڪ ڀيرو ٻيهر واپس اچي رهيا آهن ۽ هن ڀيري آن ورڊ موبيلٽي ۽ فوڪس ڪون جي ذيلي ڪمپني ايف آءِ ايڇ موبائيل لميٽڊ سان ڪينڊين ڪمپني ڀائيواري ڪئي آهي.
ان ڀائيواري جو اعلان آگسٽ 2020ع ۾ ٿيو هو ۽ هاڻ آن ورڊ موبيلٽي جي سي اي او پيٽر فرينڪلن تصديق ڪئي آهي ته جلد پهريون 5 جي بليڪ بيري فون متعارف ڪرايو ويندو.
هن 5 جي بيلڪ بيري فون ۾ ٽچ اسڪرين بدران فزيڪل ڪي بورڊ ڏنو ويندو.
فون جي اندر موجوده عهد جي تقاضائن جي موجب نئون هارڊويئر ۽ ٽيڪنالاجي موجود هوندي.
في الحال فون جي موجودگي جي ڪا به تاريخ ناهي ٻڌائي وئي رڳو اِهو ٻڌايو ويو آهي ته 2021ع ۾ اِهو فون موجود هوندو.