ڊبل ڊسپلي ۽ منفرد ڪيمرا سيٽ اپ وارو نئون فليگ شپ فون

شيائومي جو نئون گليگ شپ فون مي 11 تازو ئي سڄي دنيا ۾ وڪري جي لاءِ پيش ڪيو ويو هو جيڪو ڊسمبر جي آخر ۾ سڀ کان پهرين چين ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.

هاڻ چيني ڪمپني طرفان ان کان وڌيڪ بهتر ماڊل مي 11 الٽرا متعارف ڪرائڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي.

هن نئين فون جي پهرين جهلڪ هڪ يوٽيوبر جاري ڪئي آهي جنهن جي ڊيزائن ڏاڍي منفرد آهي.

هن فون ۾ 6.8 انچن جو ڪروڊ او ايل ڊي ڊسپلي 120هر ٽز ريفريش ريٽ سپورٽ فراهم ڪندو جڏهن ته ڊبليو ڪيو ايڇ ڊي پلس ريزولوشن موجود هوندي.

فون ۾ 2 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا، آئي پي 68 واٽر اينڊ ڊسٽ ريزيٽنس ريٽنگ، ڪوالڪوم جو نئون اسنيپ ڊراگون 888 پراسيسر ۽ 67 واٽ فاسٽ وائرڊ ۽ وائرس ليس چارجنگ سپورٽ فراهم ڪئي ويندي.

اهڙي طرح 10 واٽ ريورس وائر ليس چارجنگ ٻين ڊيوائسز کي پاور فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي.

پر فون جو سڀ کان حيران ڪندڙ حصو ان جو بيڪ ڪيمرا سيٽ اپ آهي.

ليڪ موجب بيڪ تي 50 ميگا پڪسل مين ڪيمرا سان گڏ 48 ميگا پڪسل وائيڊ اينگل ۽ 48 ميگا پڪسل پيري اسڪوپڪ ٽيلي فوٽو زوم ڪيمرا موجود هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.