اسٽيٽ ايجنسي مافياز ۽ سندن ڪرتوت

تحرير: ايم ڀٽو

سڄي ملڪ ۾ جيئن ته اسٽيٽ ايجنسيز جو ڄار وڇايل آهي، جنهن کي گھڻي قدر، سياسي پارٽين جا طاقتور ڏوهاري، ڪاروباري سرمائيندارن جا ايجنٽ، لينڊ گريبر، رٽائر فوج آفيسر، ۽ ٻِيا ڪيترائي سياسي، فرقيواريت ۽ لساني قسم جا ويڙهاڪ ماڻهو هلائن ٿا جيڪي هر وقت ان تاڙ ۾ هوندا آهن ته ماڻهن کي ٺڳجي، لٽجي، بليڪ ميل ڪجي، جيتوڻيڪ اڪثر اسٽيٽ ايجنٽ اهڙن ڪڌن ڪمن ۾ شامل آهن. پوش علائقن کان وٺي ڪچي آبادين تائين سندن وڏو نيٽ ورڪ آهي جنهن کي پوليس، ٿاڻن، سياسي ماڻهن جي مڪمل پٺڀرائي حاصل آهي. ڪراچي جيڪو ِمني پاڪستان آهي جنهن کي  سون جي جهرڪي به سڏيو ويندو آهي، اتي ڪيترائي هزارين نه پر لکين ماڻهو، روزانواسٽيٽ اسجنٽس جي ٺڳين ۽ انهن جي رکيل ڏوهارين هٿان ڦرجن، هيسجن ٿا. هي اسٽيٽ ايجنٽس ڊفينس، ڪلفٽن کان ويندي،گلشن، گلستان جوهر کان وٺي سڄي ڪراچيءَ ۾ مافياز جو روپ ڌاري ويهي رهيا آهن. جن وٽ  پوليس، ٿاڻن کان سواءِ پنهنجو هڪ ڏوهارين جو انگ رکيل آهي. جيڪي، پلاٽ يا فليٽ وٺندڙن جي جاسوسيءَ تي لڳل هوندا آهن، ۽ ماڻهن جي پيري ڪرائن ٿا. ماڻهن کي يونين وارن جي طرفان، ٿاڻن ۽ پوليس ۽ ڏوهارين کان ڊيڄارن، انهن تي ڪوڙا ڪيس ڪرائڻ جي سازش ۾ رڌل رهن ٿا. هنن جو هاڻي هي منظم ڏوهاري ڪاروبار هڪ وبا جي شڪل اختياري ڪري ويو آهي. جن سان پڻ اڪثر گھرن، فليٽن جا مالڪ پڻ ٻڌل رهن ٿا ته ڪرائي دارن کي ڪيئن لٽجي ۽ ڦرجي. اهي ايجنٽ ماڻهن جي ٻارن جي به ريڪي ڪرائن ٿا ۽ اسڪولن ۾ پڻ تعلقاتن جي بنيادن تي انهن کي به هيسائن ٿا.

جڏهن کان ڪرائيدارن جي ايگريمينٽ ٿاڻن تي جمع ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي  تڏهن کان ڪرائيندارن جي سڄي بايوڊيٽا ٿاڻن ۽ پوليس وارن جي هٿ لڳي وئي آهي. جيڪي پوءِ مختلف طريقن سان ڪرائيدارن کي تنگ ڪن ٿا جن ۾ ڪرائيدارن جون عزتون به محفوظ ڪين آهن. جن ۾ گورنمينٽ ملازم ۽ آفيسر به شامل آهن. جن کي لڏ پلاڻ ڪرائي بار بار ويريفڪيشن ڪرائي وڃي ٿي ۽ پوءِ کين سول ڊريس ۾ ملوث اهلڪار۽ اسٽيٽ ايجنسين جا ڏوهاري دڪاندار ماڻهن انهن سان جٺيون ڪن ٿا. ۽  پنهنجن ايجنٽن هٿان ڪوڙيون درخواستون جمع ڪرائي  بليڪ ميلنگ ڪندا رهن ٿا.

ڪيتريون ئي اسٽيٽ ايجنسيون / جنهن ۾ ڊفينس وِيو ڊفينس گارڊن  ڊفينس فيس II  گلستان جوهر، گلشن، صفورا، ملير، گلشن حديد، کان وٺي ڄامشورو، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جون اسٽيٽ ايجنسيون شامل آهن هن مافيا جو وڏو ڄار وڇايل آهي. تنهنڪري، سرڪاري ملازمن، کان ويريفڪيشن وارو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽  هن مافياز جي ماڻهن ٿاڻن تي ويٺل ڪارين رڍن خلاف سخت قدم کنيو وڃي ته جيئن شهرين کي هنن مافياز کان ڇوٽڪارو ملي سگھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.