”عمران خان پنهنجو 300 ڪينال جو محل گروي رکڻ جي لاءِ پيش ڪري“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حڪومت ۽ وزير اعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هن کي قوم جو سور آهي ته هو قرض وٺڻ جي لاءِ پنهنجي 300 ڪينال محل کي گروي رکڻ جي آڇ ڪري.

 احسن اقبال اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن نالائق حڪومت جي هٿان ملڪ کي جيڪو نقصان رسي رهيو آهي ۽ هو بيان ڪرڻ جوڳو ناهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪ چيڪ اقتصادي راهداري اسان جي لاءِ چين جي حڪومت جو صدي جو بهترين تحفو هو پر اسان ان مان فائدو ان ڪري نٿا کڻي سگهون ڇو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اُهو معاشي ڍانچو ڪيرائي ڇڏيو جنهن تي سي پيڪ جي عمارت بيهڻي هئي.

اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته هن حڪومت پاڪستان جي هائر ايجوڪيشن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پشاور يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ڏيوالي تي آهي ۽ پاڪستان جون سموريون يونيورسٽيون مالي بحران جو شڪار آهن ڇو ته هائر ايجوڪيشن جي بجيٽ هن حڪومت ڪٽي ڇڏي آهي.

پي ٽي آءِ جي حڪومت تي تنقيد ڪندي احسن اقبال چيو ته حڪومت اڍائي سالن ۾ 11 هزار کان وڌيڪ قرض ورتو يعني اسان جي 5 سالن جي قرضن کان وڌيڪ هنن ٻن کان اڍائي سالن ۾ ورتو ۽ سڄي ملڪ ۾ هڪ سِرَ به نه رکي.

هن چيو ته اِهو قرض پاڪستان کي گروي پيو رکي ۽ هاڻ ڳالهه اِتي وڃي پهتي آهي ته ايف نائن پارڪ، اسلام آباد ڪلب گروي آهن.

احسن اقبال چيو ته عمران خان کي جيڪڏهن قوم جو ايترو ئي احساس آهي ته قومي اثاثا گروي رکڻ بدران پنهنجي 300 ڪينال جي محل جي آڇ ڪري ان تي قرض وٺي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.