نيب چيئرمين سڄي سسٽم کي ڊسٽرب ڪري رهيو آهي: سليم مانڊوي والا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب ۾ ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي حوالي سان اسان پنهنجو تفصيلي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، ڪڏهن ڪا پرڏيهي فنڊنگ نه ورتي سين.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سليم مانڊوي والا چيو ته پ پ جي بئنڪ اڪائونٽن جو تفصيلي جواب جمع ڪرايو ويو آهي، ٻيون جماعتون به پنهنجو حساب اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائن ۽ اليڪشن ڪميشن فيصلو ٻڌائي.

سندس موجب مان ڪڏهن ناهي چيو ته نيب چيئرمين ڪرپشن تي هٿ نه وڌو، بزنس ڪندڙن کي تنگ ڪبو ته صورتحال سٺي نه رهندي، نيب چيئرمين سڄي سسٽم کي ڊسٽرب ڪري رهيو آهي، کيس سمجهڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته ڪرپشن جي نالي تي پروفيشلنز کي تنگ ڪرڻ ان جي اختيار ۾ ڪٿي آهي؟ اهي هڪ ڊاڪٽر جي گهر ۾ گهڙي ويا، هڪ بزنس مين جي اڪائونٽن جي تفصيلن تي بئنڪ کي هراسان ڪري رهيا آهن.

سليم مانڊوي والا چيو ته منهنجي نيب چيئرمين سان ذاتي ويڙهه ناهي پر پرائيويٽ بزنس مين کي هراسان ڪرڻ ڇڏي ڏيو، توهان عوامي نمائندن کي ذليل ۽ پريشان ڪري رهيا آهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.