سنڌ جي اين ايف سي ايوارڊ مان وفاق پاران ڪٽوتيون آخر ڪڏهن بند ٿينديون ؟

 

وفاقي سرڪار پنهنجي هميشه جي ڪاررواين موجب هن دفعي به سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ ملندڙ رقم مان مختلف مدن ۾  جدا جدا ڪٽوتيون ڪيون آهن، دستاويزن موجب اين ايف سي ايوارڊ ۾ ساڍن ڇهن مهينن جي رقم ۾ 16 ڏهائي 26 سيڪڙو، قدرتي وسيلن تي رائلٽي واري رقم مان 28 ڏهائي 38 سيڪڙو ۽ آڪٽرا ضلعا ٽيڪس واري رقم مان 16 ڏهائي 26 سيڪڙو رقم ڪٽي ورتي آهي جيڪا مجموعي طور تي 17 ڏهائي 26 سيڪڙي گهٽ رقم ٿئي ٿي، مجموعي طور تي مختلف مدن ۾ جيڪا رقم ڪٽي وئي آهي ان جو جوڙ 71 ارب 6 ڪروڙ رپيا ٿئي ٿو، جيڪا رقم ڪنهن به طور تي ڪا ننڍڙي رقم نه آهي، هي اڳ دفعو نه آهي جو وفاقي سرڪار سنڌ جي اين ايف سي ايوارڊ مان ڪٽوتيون ڪيون آهن، ان کان پهريان به سنڌ جي اين ايف سي ايوارڊ مان ڪٽوتيون ٿينديون رهيون آهن جنهن ڪري سنڌ جا ترقياتي ڪم اڻپورا رهندا پئي ايندا آهن، اڌ ۾ رڪيل منصوبن وري مڪمل ٿيڻ جي انتظار ۾ تباهه ۽ برباد ٿيندا آهن، ادارن جي ڪم ڪار تي اثر پوندو آهي، وفاقي سرڪار پاران سنڌ جي اين ايف سي ايوارڊ مان جيڪي ڪٽوتيون ڪيون وينديون آهن انهن جو مجموعي طور تي منفي اثرسنڌ جي بنيادي سماجي ڍانچي ۽ انساني ترقيءَ  تي پوندو آهي.

سوال هي آهي ته وفاق کي سنڌ سميت ڪنهن به صوبي جي اين ايف سي ايوارڊ مان ڪٽوتيون ڪرڻ جو اختيار آهي به، اسين سمجهون ٿا ته وفاق کي اهڙو ڪوبه اختيار نه آهي ۽ جي آهي ته اهو نه هجڻ گهرجي، ڇو جو وفاق مجوعي طور تي صوبن جي آمدنيءَ تي هلندڙ هڪ اهڙي اختياري آهي جيڪا رڳو  وفاقي حڪومت جا انتظام رکڻ ۽ هلائڻ جي مجاز آهي، اين ايف سي ايوارڊ هڪ اهڙو مالياتي ايوارڊ آهي جيڪو آئين موجب وفاقي حڪومت جي انتظامن لاءِ خرچ ۽ صوبن جي انتظامي خرچن ۽ انساني ترقيءَ جي منصوبن لاءِ رقم جي ورهاست لاءِ جوڙيو ويو آهي، آئين ۾ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾  مالي ورڇن ۽ حصي متعلق سمورا تفصيل ڄاڻايل ۽ طئي ڪيل آهن، ته پوءِ اهڙي آئيني اختيارن کي نه ته چيلينج ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي انهن کي رد ڪري وفاقي اختياريون ڪو پنهنجو فيصلو ڪري سگهن ٿيون، انهيءَ صورتحال جي پس منظر ۾ وفاق پاران ڪيل ڪٽوتيون ڪنهن به طور تي جائز نه آهي.

وفاق پاران ڪٽوتين جي حوالي سان اها ڳالهه پڻ ذڪر لائق ۽ افسوس جوڳي آهي ته گذريل سالن دوران وفاقي حڪومت وفاق جي ٻين يونٽن کي ڇڏي رڳو سنڌ جي مالياتي ايوارڊ مان ڪٽوتيون ڪندي رهي آهي، جنهن خلاف نه صرف سنڌ حڪومت پر سنڌ جا ساڃاهه وندن پڻ احتجاج ڪيو آهي، سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ انساني ترقي ۽ سماجي رٿابنديءَ جي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته هڪ طرف سنڌ ۾ ٻين صوبن جي لکين عوام سميت غير قانوني طور تي رهائش اختيار ڪندڙ لکين غير قانوني پرڏيهي جن ۾ هڪ وڏو انگ افغان پناه گيرن جو آهي سنڌ جي انساني ترقيءَ جي شعبي ۾ خرچ ايندڙ بجيٽ تي بار آهن، جڏهن ته انهن تي صحت، مڪاني ادارن  ۽ تعليم جي بجيٽ جو هڪ وڏو حصو پڻ خرچ ٿئي ٿو،

اهڙي صورتحال ۾ وري سنڌ جي اين ايف سي ايوارڊ مان ڪٽوتي ڪرڻ ويتر صوبي جي ترقيءَ جي آڏو هڪ وڏي روڪاوٽ پيدا ڪرڻ آهي، سنڌ اهڙي صورتحال کي گذريل ڏهاڪن کان منهن ڏئي رهي آهي.

سنڌ جي اين ايف سي ايوارڊ مان ڪٽوتين تي سنڌ جو عوام رد جو اظهار ضرور ڪندو رهيو آهي، پر ان سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت کان اها گهر پڻ ڪندو رهيو آهي ته اها سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اسيمبليءَ جي فلور کان وٺي هر وفاقي ادارو جيڪو معاملي سان لاڳاپيل آهي، تي سخت احتجاج ڪري ۽ ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته اهڙي احتجاج کي سرڪاري طور تي ريڪارڊ تي رکڻ لاءِ وفاقي اختيارين سان خط و ڪتابت ڪري، ان ڏس ۾ اسان اها به تجويز پيش ڪرڻ چاهينداسين ته وفاق پاران سنڌ جي اين ايف سي ايوارڊ مان جيڪي به ڪٽوتيون ٿينديون رهيون آهن انهن جو اڇو ڇٺو جاري ڪري عوام کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪري، اهو ضروري آهي ته وفاقي پاران ڪيل مالي زيادتين متعلق سنڌ جو عوام باخبر رهي.

ان موقعي تي اسان وفاقي اختيارين کي رڳو اهو عرض ڪرڻ چاهينداسين ته صوبن، خاص ڪري سنڌ جي حصي مان مالي ڪٽوتيون ڪرڻ ڪنهن به طور تي مناسب نه آهي جو سنڌ اڳ ئي مالي دٻاءَ جي ور آهي، اها ڳالهه به پنهنجي جاءِ تي آهي ته وفاق پنهنجن حڪومتي ڪمن کي جاري رکڻ لاءِ وڏا ۽ ڳرا قرض وٺندو رهي ٿو، ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت ته ان ڏس ۾ اڳ جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ صوبن جي اين ايف سي ايوارڊ مان ڪٽوتين جي آخر ڪار ضرورت پيش ڇو ٿي اچي، اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت کي گهرجي ته اهڙا سمورا غير پيدواري ۽ اضافي خرچ گهٽائي ۽ کاتا بند ڪري جتي وفاقي بجيٽ جو هڪ وڏو حصو ڪتب اچي ٿو ته جيئن وفاق کي صوبن جي اين ايف سي ايوارڊ مان ڪٽوتين جي ضرورت ئي پيش نه اچي.

اسين سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت کي مالي انتظام بهتر بنائڻ گهرجن بجاءِ صوبن جي مالي ايوارڊ مان ڪٽوتيون ڪرڻ جي، وفاق کي پرڏيهي واپار بهتر بڻائي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ گهرجي بجاءِ صوبن جي مالي ايوارڊ مان ڪٽوتيون ڪرڻ جي، وفاق کي ٽيڪسن جي اوڳاڙيءَ جو نظام بهتر بنائڻ گهرجي بجاءِ صوبن جي مالي ايوارڊ مان ڪٽوتيون ڪرڻ جي، اسان ان خيال جا به آهيون ته وفاق کي پنهنجا مالي معاملا بهتر بڻائي وڌ ۾ وڌ اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن صوبن جي مالياتي ايوارڊ ۾ اضافو ٿئي جنهن سان صوبن ۾ سماجي ڌانچي جي بهتري ۽ انساني ترقي ٿئي سگهندي ۽ مجموعي طور تي ملڪ ترقي ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.