”پشاور جو دارالامان جنسي ۽ جسماني زيادتي جو اڏو بڻجي ويو آهي“

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف ميمبر مديحا نثار الزام هنيو آهي ته پشاور جو دارالامان جنسي ۽ جسماني زيادتي جو اڏو بڻجي ويو آهي.

ڪي پي اسيمبلي جي اجلاس دوران مديحا نثار چيو ته دارالامان انچارج ٻارن کان گهر جا ڪم ڪرائيندي آهي ۽ عطيي ۾ ڏنل شيون بازارن ۾ کپائي ڇڏيندي آهي.

صوبائي وزير ڊاڪٽر امجد چيو ته صوبي ۾ موجود دارالامانن جي انڪوائري ٿيڻ گهرجي، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر محمود جان الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.