ٽنڊي حيدر ۾ اسپتال مان زخمي گرفتار، احتجاج

ٽنڊومحمدخان (ڊ ر)  ٽنڊومحمدخان لڳ ڳوٺ ڦوٽو ملاح جي رهواسڻ مسمات آصيه ملاح سندس عزيزن سان گڏ  احتجاجي پريس  ڪلب ٽنڊومحمدخان آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته منهنجي پٽ منظورو علي ۽ پوٽي پيارعلي جي بناوجواز سلطان ملاح ۽ سندس پٽن محمد علي . احمد علي ، عابد ۽ امتياز ملاح لٺن ڪهاڙين سان  قاتلانو حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏي آهي.  جن کي زخمي حالت ۾ ٽنڊومحمدخان مان حيدر آباد جي اسپتال ۾ علاج لاءٌ داخل ڪرايو پر جتان ٽنڊومحمدخان پوليس بااثر جي چوڻ ته منهنجي زخمي ئي پٽن مٿان ڪوڙا ڦور جا ڪيس داخل ڪري زخمي حالت ۾ منظور علي ملاح کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن اسان پوليس اسٽيشن تي گرفتار ٿيل منظور جي پڇا لاءٌ وياسين ته کيس پوليس گرفتاري ظاهر نه ڪندي اسان کي ڌمڪيون ڏنيو ته منظور مٿان ڦور جو ڪيس آهي جنهن کي ڪنهن به ضورت ۾ آزاد نه ڪيو ويندو هنن الزام هنيون ته پوليس جي ڊي ايس پي بااثر حملي آور کان وڏي رشوت  وٺي منهنجي پٽن مٿان ڪيس داخل ڪيا آهي اسان منهنجي پٽ ٽنڊومحمدخان مان ڳوٺ طرف اچي رهيا هئا رستي تي بااثر ماڻهن حملو ڪيو جنهن ۾ هو سخت زخمي آهن جنهن جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءٌ اسان پوليس اسٽيش تي وياسين ته پوليس اسان جو ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو هتان هليا وڃو نه توهان سڀني کي به گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا ويندا هن چيو اسان غريب مسڪين آهيون اسان جي ڪربه ٻڌڻ لاءٌ تيار نه آهي هن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي ٽنڊومحمدخان سان انصاف جي اپيل ڪندي گرفتار ٿيل منظور علي ملاح کي آزاد ڪرائي جو مطالبو ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.