ڳڙهي حسن ڀرسان ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي

ڳڙهي حسن(ن ع آ) ڳڙهي حسن ڀرسان آر ڊي 52 ٿاڻي جي حد ڳوٺ بودلو کوسو ۾ مبيناطور سڱاوتي الزام تان ٻن ڌرين  نياز کوسو  بگن کوسو وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ  سبب صوبو کوسو. عبدالرشيد. عبدالصمد کوسو نياز کوسو زخمي ٿي پيا . هوڏانهن آر ڊي 52 ٿاڻي جي وڏي منشي ياسين نوناري جي ٻيگهي مچي وئي ٻنهي ڌرين کان 20 20 هزار رشوت وٺي هڪ ٻئي ڌر  مٿان اين سي داخل ڪري ڇڏي ۽ آخري اطلاع ملڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو پوليس موجب ٻنهي ڌرين جو سڱاوتي پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جنهن جي جاچ ڪري قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.