ڏوڪري ۾ گهر ۾ رکيل بهه کي باهه، معصوم ٻار سڙي فوت

ڏوڪري (رپورٽ: قاضي آفتاب)ڏوڪري ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، پورهيت حبدار جوڻيجو جو 5 ورهين جو نينگر عبدالرحمان جوڻيجو باھ لڳڻ سبب سڙي ڪوئلو ٿي ويو آهي ان ڏس ۾ هٿ ڪيل  معلومات موجب ڏوڪري جي بٺ شاخ پاڙي ۾ پورهيت جي نينگر راند ڪرڻ دوران چوپائي مال جي چاري لاءِ گهر جي ڇت جي مٿان ٺهيل بهه جي ڀانڊي ۾ رکيل بهه کي ماچيس جي تيلي ڏئي ڇڏي جنهن ڪري باھ ڀڙڪي پئي باھ جا شعلا آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر باھ تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو اطلاع ڪرڻ باوجود فائر برگيڊ گاڏي  دير سان پهتي جنهن ڪري معصوم ٻارڙو سڙي فوت ٿي ويو، واقعي سبب گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو. هوڏانهن سڙي فوت ٿي ويل نينگر جي وارثن ٻڌايو ته فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڏنو ويو پر عملو دير سان پهتو جنھن سبب باھه تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.