دريا خان مري ڀرسان جهيڙو، عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي

دريا خان مري (ن ع آ)دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ ڪھڪاٽ ۾ لاشاري برادري جي 2 ڌرين م جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب  ھڪ ڌر جو گلزار لاشاري ٻي ڌر جو فيض الله لاشاري  عورت حنيفه لاشاري رابعه لاشاري زخمي ٿي پيون زخمين کي رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري علاج لاء  آندو ويو جنھن بعد 2 عورتن سميت زخمين کي نوشھرور فيروز اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمي عورتن جي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته جوابدارن علي گوھر لاشاري ڪمال لاشاري ساجن لاشاري گل لاشاري ۽ ٻين  حملو ڪري اسان جي عورتن ۽ مردن کي زخمي ڪري ڇڏيو.  آھي جڏھن ته الزام ھيٺ آيل ڌر چيو ته اسان جي اوطاق تي جوابدارن لٺين سان حملو ڪري گلزار لاشاري کي زخمي ڪيو ويو آھي جيڪو اسپتال داخل آھي واضح رھي ته ٻنھي ڌرين ۾ ڪافي وقت کان سڳاوتي تڪرار ھلندڙ آھي ۽ فيصلي ٿيڻ باوجود ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي تي حملا ڪنديون رھن ٿيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.