هواوي کان عليحدگي کان پوءِ آنر جو پهريون اسمارٽ فون متعارف

آنر هواوي کان عليحدگي کان پوءِ پنهنجون پهريون اسمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

آنر وي 40 فائيو جي ۾ ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 1000 پلس پراسيسر ڏنو ويو آهي.

فليگ شپ فيچرز سان ليس هن فون ۾ 6.72 انچن جو ايل ايل اي ڊي ڊسپلي خم ايجز سان گڏ ڏنو ويو آهي جڏهن ته پنچڍ هول ڊيزائن ۾ ڊوئل سيلفي ڪيمرا سيٽ اپ موجود آهي.

ان ڊسپلي ۾ 120 هرٽز ريفريش ريٽ ۽ 300 هرٽز سيمپلنگ ريٽ ڏنو ويو آهي.

4000 ايم اي ايڇ بيٽري 66 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي جيڪو 35 منٽن ۾ بيٽري کي مڪمل چارج ڪري سگهي ٿو.

وائر ليس چارجنگ اسپيڊ به 50 واٽ آهي جيڪو 50 سيڪڙو بيٽري 35 منٽ ۾ چارج ڪري سگهي ٿو.

فون ۾ اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ڪپني پنهنجي ميجڪ يو آءِ 4.0 سان ڪئي آهي، پر ڪمپني فون ۾ گوگل سروسز جي موجودگي جي باري ۾ ڪجهه ناهي ٻڌايو.

ان جو سبب اِهو آهي ته فون کي سڀ کان پهرين چين ۾ متعارف ڪرايو ويو جتي فونز گوگل سروسز کان سواءِ موجود هئا.

فون ۾ 8 جي بي ريم ۽ 128 کان 256 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي.

فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ آهي موجود آهي جنهن ۾ مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل آر وائي وائي بي سينسر سان ليس آهي.

ان کان سواءِ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ اينگل ۽ 2 ميگا پڪسل ڪيمرا ڪلوز اپ شاٽس لاءِ ڏنا ويا آهن.

هي ڪيمرا سيٽ اپ ليزر آٽو فوڪس سان گڏ ڏنو ويو آهي جڏهن ته هڪ ايل اي ڊي فليش به ان جو حصو آهي.

فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل ۽ ڪلر اسپيڪٽرم سينسر موجود آهي.

آنر وي 40 کان 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 3599 چيني يوآن (89 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 256 جي بي اسٽوريج وارو ويزن 3999 يون آن(99 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ موجود هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.