مٺي ۾ ٽن ڏينهن وارا سائيڪلنگ جا مقابلا جاري

مٺي (بيورو) پوري سنڌ مان سائيڪلنگ ريس ۾ 8 ٽيمن جي 26 سائيڪلسٽ جي وچ ۾  42 ڪلو ميٽر جي ريس جا مقابلا ٿيا،سائيڪلنگ ريس پبلڪ اسڪول مٺي کان ڳوٺ ٿاريو وڪيا تائين ريس جا مقابلا ٿيا،سائيڪلسٽ کي 15 سيڪنڊن جي وقفي کان بعد ريس لاءِ ڇڏيو ويو،ان موقعي تي راندين سان دلچسپي رکندڙ شائقن جو چوڻ هو ته رانديون ئي صحت مند معاشري جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون خاص طور تي ٿرپارڪر ۾ ان قسم جي سرگرمين سان راندين جي فروغ ۾ مدد ملندي ۽ رانديون پڻ امن جو پيغام ڏين ٿيون،42 ڪلو ميٽر جي سائيڪلنگ ريس ۾ پهرين پوزيشن پاڪ آرمي جي بلال 1 ڪلاڪ 5 منٽ 46 سيڪنڊن ۾ سفر طئي ڪري حاصل ڪئي اهڙي طرح ٻئين پوزيشن ڪراچي ون جي اشعر 1 ڪلاڪ 5 منٽ 55 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري حاصل ڪئي،ٽئين پوزيشن پاڪ آرمي ون جي زاهد محمود 1 ڪلاڪ 6 منٽ 48 سيڪنڊن م طئي ڪري حاصل ڪئي،چوٿين پوزيشن ڪراچي ون جي زوهيب 1 ڪلاڪ 7 منٽ 18 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري حاصل ڪئي،پنجين پوزيشن پاڪ آرمي ون جي غلام عباس 1 ڪلاڪ  8 منٽ 39 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري حاصل ڪئي. ڇهين پوزيشن ڪراچي ون جي عرفان 1 ڪلاڪ 9 منٽ 37 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري حاصل ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.