تهران(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بابت ڌمڪي جوڳو ٽوئيٽ ڪرڻ تي ايران جي رهبر اعليٰ آيت الله خامنه اي جو ٽوئيٽر اڪائونٽ معطل ڪري ڇڏيو.
اطلاعن موجب ٽوئيٽر آيت الله خامنه اي جو اُهو ٽوئيٽر اڪائونٽر معطل ڪري ڇڏيو آهي جنهن تان ڌمڪي جوڳو ٽوئيٽ ڪيو ويو هو ۽ چيو ويو آهي ته ان ٽوئيٽ سان سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي استعمال جا قاعدا مجروح ٿيا.