سکر : گهٽ ڏهاڙي ملڻ خلاف مزدورن پاران هٿن ۾ بيلچا ۽ ٻيو سامان کڻي احتجاج،ڌرڻو

سکر ۾ پورهيتن کي گهٽ ڏهاڙي ملڻ خلاف مزدورن هٿن  ۾ بيلچا۔ ٽيڪم۔ڪرنيون۔ تگاريون ۽ ٻيو  سامان کڻي محمد بن قاسم پارڪ کان سکر پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ينگ اتحاد سکر جي اڳواڻن دلدار علي چوهاڻ۔قربان علي چوهاڻ۔ اڪبر  علي چاچڙ ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته موجوده مهانگائي جي دور ۾ به مزدورن کي ڏهاڙي رڳو 500 سئو رپيا  ملي ٿي جڏهن ته روزانو  گهر جو  خرچ هڪ هزار کان به وڌيڪ ٿئي ٿو، حڪومت پورهيتن جي حقن لاء قانون ته جوڙيا آھن پر ان تي ليبر کاتي جا عملدار عمل نه ٿا ڪرائن جنهن ڪري پورهيت طبقو انتهائي غربت کان هيٺين لڪير واري زندگي گزاري پيو ، هنن  مطالبو ڪيو ته ڏهاڙي تي پورهيو ڪندڙ مزدورن جي اجوري ۾ اضافو ڪري انهن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.