غوثپور ۾ رولو ڪتن وڌيڪ 9 ماڻهن کي ڏاڙهي وڌو

غوثپور( رپورٽ: عبدالغفار اوڳاهي ) غوثپور شهر مختلف ڳوٺاڻن ۾ علائقن ۾  رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو،  ڪتن جي ڏاڙهڻ  رولو  ڪتن جي آزار سبب رهواسين ۾ حراس پکڙجي ويو، رولو ڪتا هر وقت روڊ رستن، ۽ گهٽين ۾ ٽولن جي صورت ۾ موجود،  ڏاڙهيل 24 ڪلاڪن ۾ شهر جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪتن جي ڏاڙھجنڻ جا 9 مختلف مريض وئڪسين لا۽ وارثن سان پهتا 2 عورتن مسمات مومل لولائي مسمات شبانا شيخ  ۽ معصوم ٻارڙا لقمان ملڪ تراب علي ڪمال لولائي غلام رسول ملڪ فرمان علي نندواڻي عبدالقيوم ملڪ نصر الله شامل جن کي ڇٽن ۽ رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي انتظاميا تماشائي بڻيل، رهواسين جي ڪتا مار مهم هلائڻ جي گهر.. خبر موجب :غوثپور شهر جي مختلف  علائقن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، ڪتا هروقت روڊ رستن گهٽن ۾ ٽولن جي صورت ۾ موجود آهن، جنهن ڪري رهواسين ۾ ڪتن جي آزار کان حراس پکڙجي ويو آهي،  اهڙو حراس پکڙجڻ سبب ٻارڙا ڊپ جي ڪري گهرن تائين محدود ، ڪتن جي ڏاڙھڻ بہ روز جو معمول بڻجي ويو آهي ،شهر جي سياسي سماجي تنظيمن صحافين اڳيان  دانهيندي چيو تہ اسان جي علائقن ۾ ڪتن جو آزار وڏو وڌي ويو آهي، جن ڪري اسان سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون، اسان جا ٻارڙا گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن هنن  اهڙي صورت حال تي   مقامي توڙي ضلعي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن اختيارن کان گهر ڪندي وڌيڪ چيو تہ ڪتا مار مهم هلائي اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.